
سڳيون ( رپورٽ: نجيب ڪلهوڙو ) ڳوٺ ڇٽو فقير لڪ جو رهواسي حنين اسد اليمينٽري پبلڪ اسڪول جو پرنسپال استاد نظام الدين لڪ ڪجھه عرصو بيمار رهڻ بعد ڪاري ڪامڻ وگهي لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم جي جنازه نماز درگاهه حسن شاهه بخاري تي ادا ڪئي وئي، سوين آلين اکين سان مرحوم کي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو