
ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي کان اڳ ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم جي اپ گريڊيشن جو ڪم آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي
نئين تعمير ٿيندڙ عمارت ۾ پليئرز ايريا جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، ٽاپ فلور تي پارٽيشننگ ۽ ٻين تي صفائي جو ڪم جاري آهي
ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم جي اپ گريڊ جو ڪم تيزي سان مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهي، فيبروري ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي کان اڳ اپگريڊيشن جو ڪم مڪمل ڪرڻو آهي
پي سي بي خميس ڏينهن هڪ ڀيرو ٻيهر ميڊيا کي اسٽيڊيم جو دورو ڪرايو. ان موقعي تي نيشنل اسٽيڊيم جي جنرل مئنيجر ارشد خان چيو ته اسٽيڊيم جي ٻن انڪلوزرن جا نالا يونس خان ۽ شاهد آفريدي جي نالي تي رکيا ويندا