
نارا ڪئنال کي پڪو ڪرڻ واري منصوبي جو ڪم 90 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي، 30 جنوري تائين ڪم مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، نارا ڪئنال کي پڪو ڪرڻ ڪرڻ سان سنڌ جي 9 ضلعن توڙي عمرڪوٽ جي پڇڙيءَ وارن آبادگارن کي فائدو پهچندو:سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ جون نارا ڪئنال جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهيون، سندس چوڻ آهي ته نارا ڪئنال جو ڪم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڪئنال ۾ 6 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي گنجائش ٿي ويندي، سنڌ حڪومت سنڌو درياهه تي ڪابه سوديبازي نه ڪندي سي سي آءِ ۾ ڇهن ڪئنال واري معاملي تي وڏي وزير درخواست ڏني آهي، پاڻي جي مسئلي تي آئيني فيصلن تي نظرثاني نه ٿي ته پوءِ پ پ پنهنجن فيصلن تي نظرثاني ڪندي