
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي غزه جنگ بندي کي اسرائيل جي شڪست قرار ڏئي ڇڏيو آهي
تهران ۾ ايراني عملدارن سان ملاقات ۾ سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جو چوڻ آهي ته غزه هڪ ننڍڙو ۽ محدود آهي جنهن دهشتگرد حڪومت کي گوڏن ڀر ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي جنهن ڪري هٿياربند دهشتگرد حڪومت اسرائيل کي غزه ۾ جنگ بندي جو اعلان ڪرڻو پيو، جيتوڻيڪ ان کي آمريڪا جي حمايت پڻ حاصل هئي