
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) چيمپيئنز ٽرافي 2025 جون ٽڪيٽون آن لائن وڪڻندڙ ويب سائيٽ سخت ٽرئفڪ سبب متاثر ٿي آهي،
چيمپيئنز ٽرافي جي ٽڪيٽن جو آن لائن وڪرو جاري آهي ۽ ڪرڪيٽ جا شوقين ٽڪيٽون خريد ڪرڻ لاءِ پريشان آهن جڏهن ته ڪرڪيٽ جي شوقينن کي ٽڪيٽون خريد ڪرڻ ۾ به مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن ڇو ته آن لائن ٽڪيٽون وڪڻندڙ ويب سائيٽ جا سرور ڊائون ٿي چڪا آهن، جنهن ڪري ٽڪيٽن جي خريداري جو عمل متاثر ٿيو آهي.
آن لائن ويب سائيٽ تي وڌيڪ ٽرئفڪ جي ڪري ويب سائيٽ جا سرور ڊائون ٿي چڪا آهن. هوڏانهن ويب سائيٽ پاران سرورز جو تعداد وڌائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي.