
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) پيڪا آرڊيننس خلاف ڪراچي کان خيبر تائين جا صحافي روڊن تي نڪري آيا آهن ۽ پيڪا آرڊيننس خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب اسلام آباد ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) پيڪا آرڊيننس خلاف زنجير ٻڌي احتجاج ڪيو ۽ ڊي چوڪ تي ڌرڻو هنيو
پوليس پي ايف يو جي جي صدر افضل بٽ کي روڪڻ ۽ حراست ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، ان موقعي تي افضل بٽ جو چوڻ هو ته حڪومت کي خبر ناهي ته هو ڪهڙي راند کيڏي رهيا آهن ۽ ڪنهن کي به پريس جي آزادي تي حملو ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين.
هوڏانهن ڪراچي پريس ڪلب آڏو صحافين احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرايو ۽ چيو ته ڪجهه رياستي عنصر آزاد صحافت جي حق کي ڪنٽرول ڪرڻ چاهين ٿا هنن چيو ته حڪومت کي پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته پيڪا آرڊيننس واپس ورتو وڃي