
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) سعودي عرب جو شهزادو محمد بن فهد بن عبدالعزيز آل سعود لاڏاڻو ڪري ويو آهي ان سلسلي ۾ سعودي پريس ايجنسي موجب رائل ڪورٽ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته شهزادي محمد بن فهد بن عبدالعزيز آل سعود لاڏاڻو ڪري ويو آهي،
شاهي عدالت اعلان ڪيو ته شهزادي محمد بن فهد بن عبدالعزيز آل سعود جي جنازي نماز سڀاڻي اربع تي رياض جي امام ترڪي بن عبدالله گرينڊ مسجد ۾ ظهر جي نماز کان پوءِ ادا ڪئي ويندي