
موسمياتي تبديلي ھن وقت وڏو چئلينج آھي، موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن،پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آھي، ٻوڏ متاثرن جي گھرن جي اڏاوت وارو منصوبو جاري آھي، ڪيترن ئي ٻوڏ متاثرن کي گھر ڏنا ويا آھن، ٻوڏ متاثرن لاءِ سنڌ حڪومت 21 لک گھر ٺاھي رھي آھي،موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ وڻڪاري ضروري آھي، وڏي وزير سيد مراد علي شاھه جو پاڪستان موسمياتي ڪانفرنس جي تقريب کي خطاب، چيائين، موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ وڻڪاري ضروري آھي، سنڌ ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ تحت منصوبا ھلي رھيا آھن، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ تحت ٽي سولر پارڪ ٺاھي رهيا آهيون ،ٻه ڪراچي ۽ هڪ مانجھند ۾ سولر پارڪ ٺاهي رهيا آهيون، سولر منصوبي لاءِ ھن سال 10 ارب رپيا رکيا آھن، پ پ چيئرمين جي مشن تحت هن سال سولر لاءِ 10 ارب رکيا آهن،جڏھن ڪنهن کي به پاڻي جي ضرورت نه ھوندي آھي، پاڻي سنڌ ڏانهن ڇڏيو ويندو آھي،اسان جو ڊيلٽا ھميشه پاڻي کان محروم رھي ٿو،اسان جي ڪوشش آھي ته ڊيلٽا لاءِ پاڻي جي مقرري حاصل ڪيون