
سن ويجهو انڊس هاءِ وي تي مسافر ڪوچ ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر،4 ڄڻا فوت، 3 زخمي، ڪراچي کان لاڙڪاڻي ويندڙ ڪوچ ۽ ڪار وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، زخمي ڪلاڪ تائين تڙپندا رهيا، پوليس پهچڻ کانپوءِ کين حيدرآباد اسپتال نيو ويو، فوتين ۾ شوڪت علي، عيدن ۽ منور جتوئي شامل، هڪ جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي گڏاپ ڀرسان سپر هاءِ وي تي ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ هڪ مسافر فوت، 5 زخمي، ٽن ٽرالرن ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب لياقت علي پٽ عبدالرحمان فوت، زخمين ۾ اسد، رياض ۽ انيس شامل، فوتي جو مڙهه ۽ زخمي اسپتال منتقل، جوکيو موڙ وٽ ٻن ڪارن ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب نصرالله ۽ مختيار زخمي