
سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ مختلف معاملن تي بحث،سوال جواب مڪمل، ايم پي اي صابر قائمخاني طرفان پوائنٽ آف آرڊر، سانگهڙ ۾ ماڻهو قتل ٿيا آهن ايف آئي آر داخل نه پئي ٿئي،وفاق جي ڳاله ڪندا آهن پنهنجي ماڻهن سان اهڙو سلوڪ ڪيو ٿو وڃي،: ايم پي اي صابر قائمخاني جو ڌيان ڇڪايو نوٽيس، ناصر حسين شاهه چوي ٿو، سانگھڙ واقعي تي وڏي وزير نوٽيس ورتو آھي، گھرو وزير آءِ جي سنڌ سان سانگھڙ واقعي تي بريفنگ ورتي آھي، مسئلو اھو آھي ته جن خلاف ايف آءِ آر ۾ نالا ڏيڻ جو چيو پيو وڃي، اھي اتي موجود نه ھئا، مخدوم جميل الزمان ۽ شازيه عطا مري احتجاج ڪندڙن وٽ ويا آھن،اسان مظلومن سان گڏ آھيون، اسان جي سينيئر قيادت اتي وئي آھي،جنهن ماڻھو تي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ چاھين ٿا اھو اتي موجود نه ھو،سانگھڙ واقعي جا متاثر اسان جا پنهنجا ماڻھو آھن، وارثن سان انصاف ٿيندو