
ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيس ) پاڪستاني نوجوان سان محبت ۾ پاڪستان ايندڙ عورت جي واقعي نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي، آمريڪي عورت اونيجا اينڊريو رابنس کي هوٽل ۽ گيسٽ هائوس مالڪن کيس ڪمرو ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي،
ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب پوليس جو چوڻ آهي ته آمريڪي عورت کي فلاحي اداري حوالي ڪري ڇڏيو آهي
ياد رهي ته اونيجا اينڊريو رابنس نالي هڪ آمريڪي عورت کي ڪراچي واسي 19 ساله ندال ميمڻ سان سوشل ميڊيا ذريعي پيار ٿيو هو، جنهن بعد آمريڪي ٻن ٻارن جي ماءُ 11 آڪٽوبر تي ڪراچي پهتي هئي، آمريڪي عورت جي پاڪستان پهچڻ بعد نوجوان ندال ميمڻ جي وارثن کيس سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو