
ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) ڪراچي کان خيبر تائين احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو آهي ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب پي ايف يو جي جي مرڪزي ڪال تي سکر يونين آف جرنلسٽس پاران ڏنل سڏ تي سنڌ جا صحافي سراپا احتجاج بڻجي ويا آهن، ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ جي صحافين ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي مطالبو ڪيو ته پيڪا ترميم کي فوري طور تي واپس ورتي وڃي
ڏهرڪي ۾ گهوٽڪي يونين آف جرنسلٽس جي جنرل سيڪريٽري قاضي اگن شر، عمران آصف، اعظم سهرياڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڏهرڪي پريس ڪلب تي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو
کپرو ۾ ذاڪر شر جي اڳواڻي ۾ صحافين پيڪا ترميم جي منظوري خلاف پريس ڪلب تي ڪارو جهنڊو چاڙھي احتجاج رڪارڊ ڪرايو
ڪشمور ۾ قلم جي پورهيتن سيد وسيم شاهه، حاڪم کوسو، نديم ملڪ، يوسف دشتي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرايو
سرحد ۾ پريس ڪلب جي صدر حاڪم ابڙو، جنرل سيڪريٽري حاجي محمد مھر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پي ايف يو جي جي مرڪزي ڪال کي لبيڪ ڪيو ويو
اوٻاوڙو: نيشنل پريس ڪلب آڏو گهوٽڪي يونين آف جرنلسٽس جي صدر ملڪ محمد اسلم جي اڳواڻي ۾ پيڪا ترميم خلاف ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو ويو
نوشهروفيروز ۾ اين ايف يو جي ۽ ڊسٽرڪٽ بار جي سڏ تي پيڪا ترميم خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي پيڪا ترميم خلاف نعريبازي ڪئي وئي
ڪنڌڪوٽ ۾ قلم جا پورهيت پيڪا ترميم خلاف پريس ڪلب پهتا، پيڪا ترميم کي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو
ميرپورماٿيلو ۾ شهيد نصرالله گڏاڻي پريس ڪلب ۽ ڊي ايڇ ڪيو پريس ڪلب تي ثاقب گڏاڻي، ممتاز آرائين، لطيف وسير، ظھير وسير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو
گهوٽڪي ۾ پيڪا آرڊيننس خلاف عامر چنا، مسرت مهر، الهه ورايو بوزدار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پيڪا آرڊيننس خلاف ڌرڻو هنيو ويو
ٺڪراٺو ۾ قلم ڌڻين پيڪا ڪاري قانون خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي مطالبو ڪيو ته پيڪا ترميم واپس ورتي وڃي
سيوهڻ ۾ سنڌ پريس ڪلب جي صحافين عبدالسلام سولنگي جي اڳواڻي ۾ ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو
شڪارپور ۾ زخمي رشيد مهر جي اڳواڻي ۾ پيڪا ترميم خلاف قلم ڌڻين احتجاج رڪارڊ ڪرايو
ڪراچي ۾ پي ايف يو جي مرڪزي اڳواڻ لالا اسد پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب تي ڪارو جهنڊو ڦڙڪايو ويو
خيرپور ۾ پيڪا آرڊيننس خلاف ٿيل احتجاج جي اڳواڻي خان محمد خان، سيد عبيد شاهه، خان محمد سولنگي ۽ ٻين ڪئي
پيرجوڳوٺ ۾ ڪنگري يونين آف جنرلسٽس جي صدر عبدالقيوم ميتلو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو
مقصودو رند ۾ قلم ڌڻي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي مطالبو ڪيو ته پيڪا ترميم جو فيصلو واپس ورتو وڃي
ڪنڌرا ۾ پي ايف يو جي جي مرڪزي سڏ تي قلم ڌڻين جو احتجاج پيڪا ترميم ختم ڪرڻ جو مطالبو
نوابشاهه ۾ نوابشاهه پريس ڪلب آڏو عرفان عرشد ۽ ٻين جي اڳواڻي پيڪا ترميم خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو
ان موقعي تي قلم ڌڻين مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن پيڪا جهڙا ڪارا قانون آڻي آزاد صحافت جو زبان بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته اي بي سي سرٽيفائيڊ اخبارن ۽ سيٽلائٽ ٽي وي چئنلن جا لائيسنسن به رد ڪيا وڃن