
خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو )بي سيڪشن ٿاڻي جي حد پوليس ٽريننگ سينٽر ڀرسان ٽي نامعلوم موٽر سائيڪل سوار ھٿياربند فائرنگ ڪري سوئي گئس جي ملازم تراب رند کي قتل ڪري فرار ٿي ويا
واقعي جو اطلاع ملڻ بعد حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو مڙهه کڻائي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو جتان لاش جو پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو
ٻئي پاسي مقتول جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو نه وري پوليس واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سگهي آهي