
خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) ڪيس جي ٻڌڻي فورٿ ايڊيشنل سيشن جج ميڊم ثمينه منگي جي عدالت ۾ ٿي، فريادي ۽ جوابدار ڌر جا وڪيل پيش، عدالت سڳوري ٻڌڻي 17 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي
راڻيپور جي پيراڻي حويليءَ ۾ مبينا تشدد سبب فوت ٿي ويل ٻارڙي فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ۾ فريادين جو وڪيل جمشيد ڏهراج، جوابدار ڌر جو وڪيل علي مرتضيٰ شاهه ۽ ڪيس جي فريادڻ مسمات شبنم ڦرڙو ۽ سندس مڙس نديم ڦرڙو عدالت ۾ پيش ٿيا
ٻڌڻيءَ دوران ٻنهي وڪيلن طرفان دليل پيش ڪيا ويا، عدالت سڳوري دليل ٻڌڻ بعد ٻڌڻي 17 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ ٻنهي ڌرين جي وڪيلن کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو