
بولان: ( ويب ڊيسڪ ) ڪوئيٽا کان پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس تي دهشتگردن حملو ڪري ٽرين کي روڪي ٽرين ۾ سوار مسافرن کي يرغمال بڻايو، جنهن بعد سڪيورٽي فورسز دهشتگردن خلاف آپريشن ڪري تمام ملڪ دشمن عنصرن کي جهنم واصل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته هن وقت تائين سڪيورٽي فورسز جو علائقي ۾ آپريشن هلندڙ آهي
سيڪيورٽي فورسز ذريعن موجب، دهشتگردن خلاف فورسز جو آپريشن آخري مرحلن ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ عورتن ۽ ٻارن سميت وڏي تعداد ۾ يرغمالين کي بازياب ڪرايو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگردن عورتن ۽ ٻارن کي انساني شيلڊ طور استعمال ڪيو آهي، 190 مسافرن کي بچايو ويو آهي
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪليئرنس آپريشن دوران انتهائي احتياط ۽ مهارت جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي ۽ مسافرن جون زندگيون بچايون ويون آهن، جڏهن ته، شهيد مسافرن جي تعداد جو پتو پئجي ناهي سگهيو،
سيڪيورٽي فورسز ذريعن موجب، واقعي واري هنڌ موجود سڀئي دهشتگرد مارجي چڪا آهن،
سيڪيورٽي فورسزن ذريعن جو چوڻ آهي ته خودڪش بمبار يرغمالي مسافرن ڀرسان موجود هئا، جن کي خودڪش جيڪٽون پڻ پاتل هيون