
ڏهرڪي ( رپورٽ: اسد الله صادق لغاري ) عدالت سڳوري پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ڏھرڪي شھر مان وڌيندڙ حددخليون ختم ڪرايون وڃن، ريڙهين جا لائوڊ اسپيڪر هٽايا وڃن، سبزي منڊي ٻاھران روڊ تي سامان وڪرو ڪندڙن کي ٻي ھنڌ منتقل ڪيو وڃي، عدالت سڳوري پاران سبزي منڊي ٻاھران ٿيندڙ غيرقانوني حددخليون هٽائڻ جون هدايتون جاري
منڱريا پمپ کان دادن مهر چوڪ تائين جي ٽي روڊ جي ٻنھي پاسن کان سرون، بجرا، مانڊڙيون، ھوٽلن جا ٺھيل دڪا ۽ روڊ جي اندر ايندڙ ھر قسم جي حددخلين کي هٽايو وڃي، شھر جي چوڪن چوراھن ۽ تعليمي توڙي سرڪاري دفترن اڳيان ھر قسم جي انڪروچمنٽ ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري چوڪن ۽ چوراھن تي گل لڳائي سرسبز ڪري لائٽون لڳايون وڃن
عدالت سڳوري وڏين گاڏين جي ٽريفڪ کي صبح کان شام تائين شھر اندر داخل ٿيڻ تي پابندي لڳائي ٽريفڪ پوليس کي ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون، عدالت سڳوري پاران شھر جي مين چوڪن ۽ مصروف جڳهن تي ٽريفڪ پوليس تعينات ڪرڻ جو حڪم، چنگچي رڪشن، ڦٽا رڪشن ۽ ريڙھين تي شھر جي مين بازارن ۾ داخلا تي پابندي، حڪم نا مڃيندڙن خلاف جرمانو لڳائي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم
ريڙھين ۽ رڪشن کي هٽائي ٻئي ھنڌ جڳهه ڏيڻ جون ھدايتون جاري، حڪومت طرفان ترقياتي ڪمن لاءِ ايندڙ رقم کي صاف ۽ شفاف نموني ترقياتي ڪمن تي خرچ ڪري رپورٽ ڏيڻ جو حڪم، دڪاندارن پاران انڪروچمينٽ ڪري دڪانن اڳيان ٺاھيل دڪا ۽ ڦٽا هٽائي حددخلين خلاف ڪاورائين جو حڪم
عدالت سڳوري شھر جي روڊن تي ڪچرو اڇلائڻ تي پابندي ھڻي ڇڏي، عمل نا ڪرڻ جي صورت ۾ جرمانو عائد ڪرڻ جو حڪم نامو جاري، عدالت سڳوري پاران گندي پاڻي کي روڊن تي نڪرڻ کان روڪڻ لاءِ ڊرينيج سسٽم تي مستقل پاليسي ٺاھڻ ۽ کليل گٽرن مٿان فوري طور ڊڪڻ ڏئي بند ڪرڻ جون ھدايتون جاري، لاڳاپيل اختيارين کي فيصلي تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم
هوڏانهن ٻئي طرف عدالت سڳوري جي اهڙي حڪم تي مختيارڪار ڏھرڪي اشرف پتافي اجلاس طلب ڪري ورتو، اجلاس ۾ شھر جي مک تنظيمن جي اڳواڻن، پوليس، اينٽي انڪروچمنٽ ڊپارٽمنٽ ۽ ٻين عملدارن جي شرڪت، مختيارڪار پاران لاڳاپيل اختيارين کي عدالتي حڪم تحت شھر مان حددخليون هٽائڻ جو حڪم، عدالت جي حڪم تي عمل نه ڪندڙ ادارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو چتاءُ