
ڪرمپور ( رپورٽ: پارس ڳيهاڻي ) نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرمپور جا آرگنائيزر منيش منڌن، سروپ بالاڻي ۽ پارس ڳيهاڻي هئا، ٽورنامينٽ ۾ علائقي جي چئن ٽيمن حصو ورتو، ٽورنامينٽ ۾ ڪرڪيٽ جي شوقينن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
ٽورنامينٽ جو فائنل مقابلو پارس پينٿرز ۽ اميت اسٽارز ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ پارس پينٿرز اميت اسٽار کي ٽن رنسن تان شڪست ڏئي چيمپيئن بڻجي وئي ڪاميابي ماڻيندڙ ٽيم کي انعام پڻ ڏنا ويا جڏهن ته فائنل مقابلي جو مهمان خاص ڀيا سدام ۽ ذوالفقار نصيراڻي هئا