
ڪشمور ( رپورٽر )ڳوٺ محمد شريف محمداڻي ۾ باهه لڳڻ ڪري غوث بخش گولاٽو ۽ شوڪت گولاٽو جي گهرن کي بجلي جي تارن مان باهه لڳڻ ڪري گهر مڪمل طور تي سڙ رک ٿي ويا، گھرن ۾ پيل ڪڻڪ، قيمتي سامان ۽ روزاني جي ضرورت جون سڀئي شيون مڪمل طور تي سڙي رک ٿي ويون، ٻئي طرف متاثرن چيو ته باهه لڳڻ ڪري ڪجهه به ناهي بچي سگهيو هن وقت کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهيون