
( نمائندن وٽان ) خيرپور ۾ يومِ پاڪستان جي سلسلي ۾ ايس ايس پي آفيس ۾ جهنڊو ڦڙڪاويو، تقريب ۾ پوليس جي جوانن قومي جهنڊي کي سلامي پيش ڪئي، ايس ايس پي خيرپور توحيد الرحمان ميمڻ، ڊي ايس پي سٽي فراز احمد ميتلو، ڊي آءِ بي انچارج ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي، ڊي ايس پي سٽي فراز ميتلو شهيد پوليس اهلڪارن جي قبرن تي گل رکيا ۽ مغفرت جي دعا گهري،
ڏھرڪي ۾ يوم پاڪستان جي سلسلي ۾ مختيارڪار ڏھرڪي اشرف پتافي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ محمد صادق لغاري خليل سومرو، خادم ڀٽو سميت روينيو ڊپارٽمينٽ جي ملازمن شھر جي مزدورن سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شرڪت ڪئي، ٻئي طرف ٽائون ڪاميٽي ڏهرڪي جي ملازمن پڻ يومِ دفاع جي سلسلي ۾ ريلي ڪڍي پاڪ فوج زنده باد، پاڪستان پائنده باد جا نعره هنيا، ريلي جي اڳواڻي، ٽائون چيئرمين زاهد ڏهر، ٽائون آفيسر مقصود جتوئي ڪئي
سجاول ۾ به 23 مارچ يومِ پاڪستان جي سلسلي ۾ ضلعي انتظاميه پاران ريلي، ضلعي انتظاميه جي سرپرستي هيٺ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن ملي نغمه، تقريرون ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا
ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته يوم پاڪستان هن عظيم سرزمين جي حفاظت جي عزم کي مضبوط ڪري ٿو، وطن جي حفاظت ۽ تقدس لاءِ نئين نسل تائين پيغام پهچائڻ ضروري آهي. هنن چيو ته 23 مارچ 1940ع پاڪستان جي تاريخ جو هڪ اهم ڏينهن آهي، جنهن جي نتيجي ۾ الڳ وطن جي تحريڪ شروع ٿي
هنن چيو ته قرارداد پاڪستان مسلمانن کي هڪ الڳ وطن جو احساس ڏياريو ۽ اسان کي هڪ قوم جي حيثيت سان هڪ الڳ سڃاڻپ ملي، هنن جو چوڻ هو ته پاڪ فوج جي ملڪ جي سلامتي لاءِ ڏنل لازوال قربانين تي اسان کي فخر آهي