
دادلغاري ( رپورٽ: صدام پتافي ) فائونڊيشن پلانٽ انتظاميه ٻن مزدورن علي احمد مھر ۽ باغ مھر کي بحال ڪري ڇڏيو جنهن بعد احتجاج ختم ڪيو ويو، ياد رهي ته ٻنهي ملازمن جي بحالي لاءِ گذريل ھڪ ھفتي کان فائونڊيشن پاور پلانٽ آڏو ڌرڻو هلندڙ هو، احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي مزدور اڳواڻ لکمير مهر ۽ ٻين ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته اسان ۽ انتظاميه وچ ۾ ڳالھيون ڪامياب ٿي ويون آھن، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪيو ويو آھي