
خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ اڻڄاتل چور شهزاد جنرل اسٽور جا تالا ڀڃي دڪان ۾ رکيل لکين رپين جو سامان ۽ روڪ رقم چوري ڪري ويا
متاثر دڪاندار شهزاد، ارشاد، زبير، عمير ڀٽي ۽ ٻين احتجاج ڪيو سندن چوڻ هو ته شهر ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي نامعلوم چور جنرل اسٽور جا تالا ڀڃي لکين رپين جو سامان ۽ روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويا آهن پوليس ڏوهارين خلاف ڪو به قدم نه پئي کڻي اختياريون نوٽيس وٺن