
کينجھو ( رپورٽ: عبدالغفار شر ) ڳوٺ پيراڻو شر ۾ نواز ليگ سکر ڊويزن جي سينيئر نائب صدر عبدالعزيز شر پاران مستحق ماڻھن ۾ راشن تقسيم ڪيو ويو، ان موقعي تي عبدالعزيز شر جو چوڻ هو وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف جي ھدايتن تي ھر ضلعي توڙي تعلقي ۾ نواز ليگ جا اڳواڻ مستحق ماڻھن ۾ راشن تقسيم ڪري رھيا آھن جڏهن ته مستحق ماڻھن جي خدمت ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي