
اوٻاوڙو ( رپورٽ: غلام قمبر بوهڙ ) مختيار ڪار اوٻاوڙو راشد نواز خلاف جماعت اهلسنت ۽ شهرين نيشنل پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو، مولانا غلام محي الدين قادري عرف ڪهاڙو راڄڙي، حاجي صوبو چاچڙ ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته
مختيار ڪار اوٻاوڙو راشد نواز ڏانهن اسين پنهنجي جائز ڪم لاءِ وڃون ٿا ته اتي موجود سندس خاص تپيدار اسان کان جائز ڪم جا پئسا گهري ٿو مختيارڪار راشد نواز پنهنجي آفيس ۾ ويهي به نه ٿو، آفيس جا گذريل ڇهن مهينن کان چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون نوٽيس ورتو وڃي