
ڏهرڪي ( رپورٽ: عابد ڪوڀر ) ڏهرڪي سول اسپتال ۾ ميڊيڪل سپريڊنٽ ڊاڪٽر شڪيلا پروين، تعلقه فوڪل پرسن ڊاڪٽر غلام رسول چاچڙ ۽ ٽي بي فيسيليٽر امبريش ڪمار جي اڳواڻي ۾ سول اسپتال جي ملازمن پاران ريلي ڪڍي ٽي بي جو عالمي ڏهاڙو ملهايو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ٽي بي جو علاج موجود آهي ٽي بي لا علاج بيماري ناهين هنن چيو ته ٽي بي جون علامتون نظر اچڻ سان فورن ٽي بي جون ٽيسٽون ڪرايون وڃن ۽ مڪمل علاج ڪرايو وڃي