
خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) ٻٻرلو باءِ پاس وٽ اڻڄاتل جوابدارن کجين جي ٽوئن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو
ٻڌايو پيو وڃي ته اڻ ڄاتل 30 لک رپين جي سامان ۽ ڪاٺين کي باهه ڏئي فرار ٿي ويا، باهه لڳڻ ڪري ڊاڪٽر علي نواز جنڊاڻ ۽ وڪيل رفيق احمد جو لکين رپين جو نقصان ٿيو
ان سلسلي ۾ متاثرن مطالبو ڪيو ته مامري جو نوٽيس وٺي شرپسند جوابدارن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو وڃي