
نئون ديرو ( رپورٽ: وقار ڀٽو ) پاڪستان پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ سٽي نئون ديرو ريلي ڪڍي لاڙڪاڻي تائين مارچ ڪيو ويو، ريلي جي اڳواڻي بشيره موهل، اشرف سومرو ۽ ٻين ڪئي
هوڏانهن ٻئي طرف پ پ ڪارڪنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي سنڌو درياهه تي ٺهندڙ تڪراري ڪئنالن خلاف پ پ سٽي پاران به احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، احتجاج جي اڳواڻي سيد ارشد شاهه راشدي، عبدالخالق ڀٽو ، انور ٻرڙو ۽ ٻين ڪئي
ان موقعي تي مظاهرين ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياهه تي ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن، سنڌ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف ڀرپور مزاحمت ڪنداسين