نيوسعيدآباد ( رپورٽ: محبوب ڪاڪا ) وارڊ نمبر هڪ سوچي پاڙي جي رهواسي 18 سالا نوجوان اشوڪ ولد پپو سوچي خودڪشي ڪري زندگي جو انت آندو، اطلاع تي پوليس پهچي فوتي نوجوان جو مڙهه کڻائي اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪاروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام متل آهي ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي نوجوان نشي جو عادي هو نشي لاءِ پئسا نه ملڻ تي هن ڪاوڙجي اهڙو قدم کنيو