
اوٻاوڙو ( رپورٽ: غلام قمبر بوهڙ ) اوٻاوڙو ڀرسان پنجاب جي علائقي صادق آباد ويجهو قومي شاهراهه تي ڪار ۽ ڊمپر وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ اڳوڻي ايم پي اي مرحوم ڄام منير احمد خان ڏهر جو ڏوهٽو ۽ ڏهر برادري جي چيف سردار ڄام عقيل احمد ڏهر جو ڀائٽيو نوجوان ڄام سرجيل عرف ڄام ابرار احمد خان ڏهر موقعي تي فوت ٿي ويو، فوتي جو مڙهه صادق آباد کان اوٻاوڙو منتقل ڪيو ويو اهڙي واقعي بعد اوٻاوڙو شهر اندر سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو