
خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري عمل خلاف پورهيت مزاحمت تحريڪ طرفان خاڪي شاهه پل کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو
احتجاج جي اڳواڻي ڪامريڊ شهباز ڦلپوٽو، اڪبر مڪول، سجاد سولنگي، سرمد سنڌي ۽ ٻين ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري فيصلي کي هرگز قبول نه ڪيو ويندو، سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍڻ سبب سنڌ جون زمينون بنجر بڻجي وينديون، فيصلو واپس ورتو وڃي