
ڪي اين شاهه ( رپورٽ: عبدالغفار چانڊيو ) مدرسه انوارِ مدينه جي زير اهتمام ختم القرآن شريف جي تقريب ٿي جتي عالمن جمعيت علماءِ اسلام جي ضلعي سينيئر نائب صدر مولانا حبيب الرحمان ملڪاڻي، مولانا انور کوهارو، علي کوهارو، عبدالرشيد ساسولي ۽ ٻين خطاب ڪيو
هنن چيو ته قرآن پاڪ ھدايت جو ڪتاب آھي جنھن ۾ الله پاڪ ماڻھن کي ڪاميابي جو رستو ٻڌايو آهي، جيڪو ھن پاڪ ڪتاب تي عمل ڪندو ٻنھي جھانن جون ڪاميابيون حاصل ڪندو
ھنن جو چوڻ هو ته سنڌو درياهه جي پاڻي تي سڀ کان پهريون حق سنڌ جو آھي، وفاقي حڪومت سنڌو درياهه تي جيڪي ڪئنال ٺاهي رهي آهي اهي سمورا غير شرعي آهن، ان غير شرعي عمل خلاف جدوجهد ڪرڻ عبادت آهي، هنن چيو ته سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺهيا ته سنڌ بنجر بڻجي ويندي