
اوٻاوڙو ( رپورٽ: غلام قمبر بوهڙ ) پنجاب جي علائقي صادق آباد ۾ ريلوي اسٽيشن ڀرسان قائم لنڊه بازار کي اوچتو باهه وڪوڙي وئي، جڏهن ته باهه لڳڻ ڪري ريلوي اسٽيشن تي بيٺل هڪ ٽرين جون بوگيون به متاثر، باهه لڳڻ ڪري ضلعي رحيم يار خان ۾ ايمرجنسي نافذ ڪئي وئي
فائربرگيڊ گاڏيون باهه وسائڻ ۾ مصروف، جڏهن ته ريسڪيو عملو واقعي واري هنڌ وڏي تعداد ۾ پهتل آهي، هوڏانهن باهه جي شدت تي ضابطو اچي ناهي سگهيو، باهه لڳڻ ڪري شهر ۾ خوف ۽ حراس ڇائنجي ويو