
هالا ( رپورٽ: فهيم چانڊيو ) پير فضل علي عرف بابو داهيندي چيو ته ڪي ڪي سي اين جي مالڪ نارائن داس منهنجي 22 ايڪڙ کاتي واري زرعي زمين جا ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي گذريل ڪيترن ئي سالن کان زمين تي قبضو ڪرڻ چاهي پيو هن چيو ته بااثر ڪي ڪي سي اين جي مالڪ نارائن داس اسسٽنٽ ڪميشنر هالا ۽ ٻين فيصلا ڪندڙ چڱين ڌرين کي جعلي دستاويز ڏيکاري گمراهه ڪيو آهي
هن چيو ته اهڙي مامري جي ڊي سي مٽياري کي شڪايت ڏيڻ باوجود ڪو به تدارڪ ناهي ٿيو، جڏهن ته بااثر مسلسل موتمار ڌمڪيون پڻ ڏئي ٿو اختياريون نوٽيس وٺي مون سان انصاف ڪن