
ڪشمور ( رپورٽ: نديم ملڪ ) عيدگاهه محلا ۾ عبدالقيوم مزاري فطراڻي جي ورهاست ڪئي ته بدنظمي ٿي، رش هئڻ ڪري ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، ڳوٺ شاهوالي واسڻ عورت فوت ٿي، ماڻهن جي ڀاڄ ۾ 4 عورتن جي پڻ زخمي ٿيڻ اطلاع مليا آهن
هوڏانهن فوتي عورت جو تعلق ڳوٺ شاهوالي سان ٻڌايو پيو وڃي، فوتي عورت ۽ زخمين کي ڪشمور اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي زخمين جو علاج هلندڙ آهي، جڏهن ته فوتي عورت مڙهه وارث ڳوٺ کڻائي ويا