
خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) مبينا طور ڪوڙيون خبرون هلائڻ جي الزام هيٺ صحافي مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو، همارا سماج اخبار جي ايڊيٽرعبدالخالق چوهاڻ خلاف ڪيس داخل ٿيڻ بعد خيرپور ضلعي جا صحافي سراپا احتجاج بڻيل آهن،
اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ صحافي عبدالخالق چوھاڻ خلاف مبينا طور ڪوڙيون خبرون هلائڻ جي الزام هيٺ خيرپور پوليس پيڪا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو،
صحافي مٿان داخل ٿيل ايف آءِ آر ۾ فريادي ايس ايڇ او اقبال نون کي ڄاڻايو ويو، صحافي مٿان داخل ٿيل ايف آءِ آر ۾ 500، 504 ۽ 506 جا قلم لاڳو ڪيا ويا