
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر خانگي ٽي وي چئنل جيو نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته طالبان جي واپسي بابت طلال چوڌري جو بيان حقيقتن جي ابتڙ آهي، پاڪستان دهشتگردي جي لپيٽ ۾ آهي. هي الزام لڳائڻ جو وقت ناهي، اهڙا بيان ڏيڻ بدران پنهنجو ڌيان دهشتگردي کي روڪڻ تي هئڻ گهرجي،
هن چيو ته پي ٽي آءِ اسٽيبلشمينٽ سان آخري ڳالهيون اڃا شروع به ناهن ڪيون ۽ ڊيل جي ڳالهه بي بنياد آهي ۽ ان جو حقيقت سان ڪو به تعلق ناهي