
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جي مجموعي طور کوٽ 48 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي . سکر بئراج وٽ پاڻي جي کوٽ 62 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي ، سکر بئراج جو مٿانهون وهڪرو 17 هزار 60 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 6 هزار 200 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو . گڊو بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 20 هزار 615 ۽ هيٺانهون وهڪرو 17 هزار 180 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو
ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 4 هزار 908 ڪيوسڪ ۽ ڊائون اسٽريم ۾ رڳو 198 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو. سکر بئراج مان نڪرندڙ دادو ڪئنال ۾ پاڻي 400 ڪيوسڪ ڇوڙ ڪيو ويو ، پاڻي کوٽ 87 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي نارا ڪئنال پاڻي جي فراهمي3900 ڪيوسڪ ڪئي وئي جڏھن ته پاڻي کوٽ 53 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي
روھڙي ڪئنالن ۾ پاڻي کوٽ 66 سيڪڙو فراهمي ڪئي وئي 3900 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪئي وئي ، خيرپور ايسٽ ۾ پاڻي کوٽ 47 پاڻي جي فراھمي 800 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪئي وئي. خيرپور ويسٽ ۾ 43 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ 760 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو ، رائس ڪينال ۾ پاڻي جي فراهمي بند ڪئي وئي آهي
گڊو بئراج وٽ مٿانھين وهڪري۾ پاڻي 20 ھزار 615 ڪيوسڪ ، ھيٺانھين وھڪري ۾ 17 ھزار 180 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو. گڊو بئراج مان نڪرندڙ ڊيزرٽ پٽ فيڊر ڪئنال ۾ 1891 پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو جڏھن ته پاڻي کوٽ 69 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي ،گهوٽڪي فيڊر ڪئنال 1544ڪيوسڪ ڇوڙ ڪيو ويو جڏھن ته پاڻي کوٽ 32 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي
بيگاري ۽ ريڻي ڪئنال ۾ پاڻي جي فراھمي بند ڪئي وئي ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جي مٿاھين وھڪري ۾ 4ھزار 908ڪيوسڪ جڏهن ته ڊائون ۾ رڳو 198ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي، اھڙي طرح ڪوٽڙي بئراج وٽ ڪلري بگھار ڪئنال ۾ 2100 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو جڏھن ته پاڻي جي کوٽ 15 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي. اڪرم واھ ۾ 800 ڪيوسڪ ڇوڙ ۽ کوٽ 64 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي ، پراڻي ۽ نئين ڦليلي واھ ۾ به مجموعي طور تي پاڻي جي کوٽ سبب ڪينالن کي پاڻي جي فراهمي بند ڪئي وئي آھي