
بڊاڻي ( رپورٽ: اقرار گل فراس ) هٿياربندن گوليون هڻي عاشق ڀٽو ۽ عامر ڀٽو کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز، علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڇانيل، جڏهن ته بشير ڀٽو، اسحاق ڀٽو، رحم دل ڀٽو، زوار ڀٽو، ذوالفقار ڀٽو، وزير ڀٽو زخمي ٿي پيا
بنگوار برادري پاران ڀٽا برادري جي ڳوٺ تي حملي بعد علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، جتي ٻنهي ڌرين طرفان فائرنگ جو سلسلو جاري، صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ رواني ڪئي وئي آهي ۽ امن قائم ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن