
ڏهرڪي ( رپورٽ: اسد الله لغاري ) پ پ ايم اين اي سردار مير خالد احمد خان لنڊ پاران ريور سٽي اسپتال ۾ داخل اڳوڻي ايم پي اي مير شهر يار خان شر سان ٽيليفونڪ رابطو، خيريت معلوم ڪئي پ پ ايم اين اي سردار مير خالد احمد خان لنڊ سردار شهريار خان شر جي صحت بابت تفصيل ورتا ۽ سندس جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي
سردار مير خالد احمد خان لنڊ جو چوڻ هو ته مير شهريار خان شر نيڪ دل، محب وطن ۽ عوامي خدمت جي جذبي سان سرشار شخصيت آهي، جنهن جون خدمتون هميشه قدر جي نگاهه سان ڏٺيون وينديون
پ پ ايم اين اي جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڏکئي وقت ۾ دوستن ۽ ساٿين جي خيريت معلوم ڪرڻ ۽ انهن سان گڏ بيهڻ اسان جي سماجي ۽ اخلاقي ذميواري آهي، مير شهريار خان شر جو چوڻ هو ته سردار خالد احمد خان لنڊ خيريت معلوم ڪري دعا ڪئي جنهن سان مون کي حوصلو مليو آهي