
نئون ديرو ( رپورٽ: وقار ڀٽو ) بهمڻ پلاٽ وٽ ٿيل جهيڙي ۾ جيها ڌر جو ساجد جيهو قتل ٿي ويو جڏهن ته پرويز سڌايو زخمي ٿي پيو، اطلاع تي نئون ديرو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي
ان موقعي تي زخمي ڳالهائيندي چيو ته مان ساجد سان گڏ موٽرسائيڪل تي ڳوٺ وڃي رهيو هيس ته 3 کان وڌيڪ هٿياربندن ڏيٿن جي ڳوٺ ڀرسان حملو ڪري فائرنگ ڪئي جنهن ۾ ساجد جيهو قتل ٿي ويو ۽ آئون زخمي ٿي پيس
واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي ۽ ڌرين ۾ فائرنگ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته وڌيڪ خونريزي جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي
ياد رھي ته گذريل چئن سالن کان ڪارنهن مامري تان شروع ٿيل تڪرار ۾ هن وقت تائين 12 قيمتي جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن