
ٽنڊوالهيار ( رپورٽ: اي جي عاقلاڻي ) ايس ايس پي ٽنڊوالهيار سيد سليم شاهه جي هدايتن تي منشيات جي روڪٿام لاءِ پيارولنڊ ٿاڻي جي ايس ايڇ او ميرل کوسو جي اڳواڻي ۾ پيارولنڊ ڀرسان قادر بخش خاصخيلي لنڪ روڊ تان ڪاروائي ڪندي منشيات فروش مھيش سوٽار کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان انڊين صفينا گٽڪي جا 20 عدد پاڪٽ هٿ ڪيا ويا، گرفتار جوابدار خلاف منشيات ايڪيٽ ڪيس داخل ڪيو ويو