
کينجھو ( رپورٽ: عبدالغفار شر ) شر ۽ ڏھر برادري ۾ پيدا ٿيل خوني تڪرار جي نبيري لاءِ اڳوڻي صوبائي وزير عبدالباري خان پتافي، سيد غلام شاهه، گل محمد جکراڻي، ھالار خان پتافي، ميان رفيق، ميان مجن، سيد لعل شاهه، دادن خان مھر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميڙ منٿ قافلو نڪتو
ان موقعي تي ايم پي اي ڄام مهتاب حسين ڏهر قافلي کان ٻن ڏينھن جي مھلت گھري ورتي جنھن بعد امن قافلو سردار شھريار خان شر جي ڳوٺ ٻيروٽا پھتو جتي سردار شھريار خان شر قافلي کي مان ڏيندي چيو ته منٿ ميڙ قافلي وارا جيڪو به فيصلو ڪندا اھو مان ۽ منھنجي برادري کي قابل قبول ھوندو جنھن بعد اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻنھي ڌرين طرفان سٺي موٽ ڏني وئي آھي ٻنھي ڌرين ۾ پيدا ٿيل تڪرار جو جلد نبيرو ڪيو ويندو ھنن چيو ته ضلعي گھوٽڪي اندر جيترا به قبيلائي جهيڙا ھلي رھيا آھن سڀني وٽ ھلي وڃڻ لاءِ تيار آھيون