
ڏهرڪي (رپورٽ: اسد الله لغاري) عظيم ڪالوني اتحاد جي اڳواڻ عبدالله راڄڙي راجا فرخ اختر، حبيب الله راڄڙي ۽ ٻين خالد آباد پهچي مير نور محمد خان لنڊ کي علائقي جي مسئلن کان آگاهه ڪيو
ان موقعي تي عظيم ڪالوني جي وفد مير نور محمد خان لنڊ کي چيو ته عظيم ڪالوني ۾ بجلي، ڊرينيج، صفائي سٿرائي ٻيا ڪيترا مسئلا آهن جيڪي حل ناهي ٿي سگهيا
اسان اميد کڻي اوهان وٽ آيا آهيون ته عظيم ڪالوني جي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندا
ان سلسلي ۾ مير نور محمد خان لنڊ چيو ته اسان عظيم ڪالوني توڙي ڏھرڪي شهر جي بھتري لاءِ ڪم ڪيون پيا، تمام جلد عظيم ڪالوني جا مسئلا حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪنداسين