
هالا ( رپورٽ: فهيم چانڊيو ) ٽنگ کان معذور اشوڪ عرف بابو مينگهواڙ هالا ۾ عوامي ميڊيا سينٽر جي صحافين سان ڳلهائيندي چيو ته ڏيڍ سال کان فقيرو، ڀڳو، قيصر، پپو، ڪرشن ۽ رامو ميگهواڙ وارا منهنجي گهر جي چارديواري جو تقدس پائمال ڪري رهيا آهن، ڪيترائي ڀيرا برادري جي چڱن مڙسن کي اهڙي شڪايت ڏني پر ڪو به ازالو ناهي ٿي سگهيو، بااثر پنهنجي گهر جي ديوار نه پيا اڏائين جنهن سبب هو منهنجي گهر ڏانهن غلط نظر سان غيراخلاقي حرڪتون ڪندا رهن ٿا اختياريون نوٽيس وٺي مون سان انصاف ڪن