
موهن جو دڙو ( حبيب الرحمان ميمڻ ) اڍائي سال اڳ چانڊيا برادري جي قتل ٿيل ڏوڪري واسي نوجوان نجم الدين چانڊيو جي قتل جو فيصلو ڪيو ويو، مغيري برادري مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مقتول نجم الدين چانڊيو جي قتل جو 65 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جڏھن ته ڪار ۽ ڪورٽن جي خرچ سميت 30 لک ڏنڊ جي فتويٰ ٻڌائي وئي، مغيري برادري هڪ لک رپيا بروقت ادا ڪيا،5 لک چانڊيا برادري پاران معاف ڪيا ويا، جڏھن ته مغيري برادري 80 لک ڏنڊ جي رقم چئن قسطن ۾ ادا ڪرڻ جي پابند هوندي