
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جي کوٽ برقرار، بئراج انتظاميه موجب مٿين علائقن ۾ برسات نه پوڻ ڪري پاڻي جي تاريخي کوٽ ٿي آهي، پاڻي جي سخت کوٽ سبب فصل تائين پهچائڻ انتهائي ڏکيو ٿي ويو آهي
سکر بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 16 هزار 455 ۽ هيٺانهون وهڪرو 6 هزار 20 ڪيوسڪ رڪارڊ، گڊو بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 16 هزار 646 ۽ هيٺانهون وهڪرو 16 هزار 646 ڪيوسڪ رڪارڊ، ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو چار هزار 680 ۽ ڊائون اسٽريم ۾ رڳو 195 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو