
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) سنڌ ۾ تڪراري ڪئنال رٿا خلاف عوامي احتجاج جاري آهن، مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، مارچ، ريليون ۽ ڌرڻا، ڪئنالن خلاف نعريبازي ڪئي وئي، جڏهن ته سڪرنڊ کان حيدرآباد لاءِ نڪتل بيداري مارچ سيد زين شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ نيو سعيد آباد، هالا کان کنڊو، کيبر، سيکاٽ ۽ بائوديرو، مٽياري کان ٿيندو حيدرآباد پهتو
جتي مارچ جلسي ۾ تبديل ٿي ويو، مارچ ۾ ايس يو پي، جي ڊي اي، پي ٽي آءِ، قومي عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ محاذ، مسلم ليگ (ف)، عوامي جمهوري پارٽي، جماعت اسلامي، پ پ شهيد ڀٽو ۽ آبادگار تنظيمن سميت ٻين جماعتن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن شريڪ ٿيا، حيدر چوڪ تي جلسو ڪيو ويو
جلسي ۾ سنڌو درياءَ تي ڪئنالن جي اڏاوت واري فيصلي کي رد ڪري سننڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو، جڏهن ته مارچ جي وک وک، واهڻ واهڻ، ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر ۽ روڊن رستن تي آجيان ڪئي وئي، گلن جي ورکا اجرڪ جا تحفا ڏنا ويا
مارچ دوران زين شاهه، صفدر عباسي، حليم عادل شيخ ۽ ٻين مختلف هنڌن تي خطاب ڪيو، سيد زين شاهه چيو ته پيپلزپارٽي پارٽي پاڻ ئي ڪئنال ڪڍڻ جي منصوبي جي منظوري ڏئي هاڻ وري معصوم ٿي احتجاج پئي ڪري پاڻ هاڻ عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي، پ پ چيئرمين جي بيان تي ردعمل ڏيندي هن وڌيڪ چيو ته چئلينج قبول آهي، توهان به رستن تي اچو ۽ اسان به اچون ٿا