
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ اڄ ڪراچي جون سڀئي اليڪٽرانڪس مارڪيٽون بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو، ان کان علاوه شير شاهه ڪٻاڙي مارڪيٽ، جوڊيا بازار، ڪاغذي بازار اولڊ سٽي ايريا، آرام باغ ۽ لائيٽ هائوس جون مارڪيٽون پڻ بند رهيون
واپارين مختلف هنڌن تي احتجاجي ريليون ڪڍيون، مظاهرين اسرائيل مخالف پلي ڪارڊ کڻي مطالبو ڪيو ته اسرائيل دهشتگرد ڪاروايون بند ڪري ۽ عالمي حقن جون تنظيمون فلسطين کي آزاد ڪرائن
مظاهرين مطالبو ڪيو ته وفاقي حڪومت فلسطين جي حق ۽ اسرائيل جي خلاف واضح بيان ڏئي هنن چيو ته اسين پنهنجي فلسطيني ڀائرن تي جاري ظلم تي پنهنجا ڪاروبار بند ڪري آواز بلند ڪندا رهنداسين