
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل عاصم منير جو چوڻ آهي ته هو پڪو يقين رکي ٿو ته پاڪستان عالمي معدني معيشت ۾ اڳواڻ طور اڀرڻ لاءِ تيار آهي، قوم جي پيرن هيٺان وسيع معدني ذخيرا هوندي مايوسي جي ڪا به گنجائش ناهي
اسلام آباد ۾ پاڪستان منرل انويسٽمينٽ فورم 2025 کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته اسان بين الاقوامي تنظيمن کي ڀليڪار ڪريون ٿا ته اهي پاڪستان کي پنهنجي مهارت سان روشناس ڪرائين، سيڙپڪاري جا موقعا ڳولين ۽ اسان جي وسيع وسيلن جي صلاحيت کي ترقي ڏيڻ ۾ اسان سان ڀائيواري ڪن
آرمي چيف چيو ته پاڪستان جي معدني دولت کي ڪڍڻ لاءِ انجنيئرن، ارضيات جي ماهرن، آپريٽرن ۽ مختلف ماهرن جي ضرورت آهي، اهو ئي سبب آهي ته اسان هن شعبي کي ترقي ڏيڻ لاءِ شاگردن کي تربيت لاءِ ٻاهرين ملڪ موڪلي رهيا آهيون، هن وقت بلوچستان جا 27 شاگرد زامبيا ۽ ارجنٽائن ۾ معدنيات جي ڳولا ۾ تربيت حاصل ڪري رهيا آهن، اسان جو مقصد معدني شعبي لاءِ افرادي قوت، مهارت ۽ انساني وسيلا پيدا ڪرڻ پڻ آهي.