
موسميات کاتي موجب، اڄ ۽ سڀاڻي سنڌ، ڏکڻ ۽ وچ پنجاب ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ گرمي پد معمول کان 4 کان 7 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي
گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي پد دادو، موهن جو دڙو، نوابشاهه ۽ پڊعيدن ۾ 47 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته خيرپور، سبي، لاڙڪاڻي ۾ 46 ۽ رحيم يار خان، سکر، جيڪب آباد، مٺي ۽ سکر ۾ 45 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد رڪارڊ ڪيو ويو
ان کان علاوه ڪراچي، ملتان، ڊيرا اسماعيل خان 40، پشاور، مظفر آباد 37، اسلام آباد 35، ڪوئيٽا 32 ۽ گلگت ۾ 31 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد رڪارڊ ڪيو ويو
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ رات کان 11 اپريل تائين اسلام آباد، پنجاب، ڪي پي، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي ڪجهه علائقن ۾ برسات سان گڏ وقفي وقفي سان مٽيءَ واريون هوائون هلڻ جو امڪان آهي