
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل ۽ سينيئر سياستدان سينيٽر تاج حيدر ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو
پيپلز پارٽي اڳواڻ تاج حيدر ڪراچي جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، سندس جنازي ۽ تدفين جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پ پ اڳواڻ تاج حيدر جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته تاج حيدر جي لاڏاڻي تي مون سميت سڀني ڪارڪنن کي صدمو رسيو آهي، تاج حيدر سلجهيل سياسي اڳواڻ هو، تاج حيدر هميشه جمهوريت ۽ عوامي خدمت لاءِ جدوجهد ڪئي.